پي پي، ايم ڪيو ايم سان ٺاهه بابت پليجي جو رد عمل

پي پي، ايم ڪيو ايم سان ٺاهه بابت پليجي جو رد عمل

حيدرآباد(ن سنڌيار)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سدائين سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي آھي۔ ڪراچي ۽ ٻين شھرن ۾ انسانيت جي قاتل دھشتگردن تان سوين قتلن جا ڪيس ختم ڪري انھن کي اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو آھي،  جنھن سان سنڌ جو امن تباھ ٿيو آھي۔ شھر يرغمال ٿيا آھن، تعليم، صحت ۽ ٻيا ادارا ڀتا مافيا وٽ يرغمال ٿيا آھن۔ انساني آزادي قيد ٿي آھي۔ جمھوريت ۽ سياست تي بندش ٿي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم ڪيو ايم سان اقتدار خاطر اتحاد ڪري سنڌ جي امن کي داء تي نہ لڳايو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪومت جي 14 سالن جي ڪارڪردگي ناڪام ۽ ڪرپٽ رھي آھي، جنھنڪري شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو