لاهور: (ويب ڊيسڪ) چوڌري پرويز الاهي تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي مان استعيفائون واپس وٺڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي تان استعيفائون ڏيڻ تي نظرثاني جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته استعيفائون واپس وٺو ته بهتر آهي. اهو مشورو هن شاهه محمود قريشي سان ملاقات دوران ڏنو.پرويز الاهي چيو ته پارليامينٽ حڪومت خلاف آواز اٿارڻ جو جمهوري فورم آهي. تحريڪ انصاف ايوان مان ٻاهر اچي پنهنجي لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪندي، تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهران اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اوهان جي مشوري کان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي آگاهه ڪندس، پنجاب ۾ 20 تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ چوڌري پرويز الاهي تعاون جو يقين به ڏياريو آهي.










