پي ٽي آئي پاران  شهباز گل جي گرفتاري خلاف عدالت  وڃڻ جو فيصلو

پي ٽي آئي پاران شهباز گل جي گرفتاري خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف شهباز گل جي گرفتاري خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم جي ميمبر فيصل چوڌري چيو ته اسان فوري طور اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، 5 مختلف ٿاڻن تي گهمڻ باوجود شهباز گل جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان حوالي سان به رابطو ڪيو ويو آهي فيصل چوڌري چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي ته ان کي منظر عام تي آندو وڃي، شهباز گل جي ڪيس ۾ حبس بيوس جي درخواست داخل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به آپشن ناهي بچيو.ذريعن موجب شهباز گل جي گرفتاري تي عدالت وڃڻ جو فيصلو عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ قيادت جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته درخواست علي اعواڻ طرفان تيار ڪئي وئي آهي ۽ فيصل چوڌري ڪيس ۾ شهباز گل جي مدد ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو