پي ٽي آءِ ڪراچي قيادت تي دهشتگردي جا ڪيس داخل

پي ٽي آءِ ڪراچي قيادت تي دهشتگردي جا ڪيس داخل

ڪراچي(رپورٽر)پوليس پي ٽي آءِ ڪراچي جي اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب ڪراچي جي علائقي نمائش چورنگي تي ڌرڻو ۽ ڌرڻو هڻڻ جو ڪيس پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حڪومت طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ دهشتگردي ۽ باهه سميت ٻيون دفعات شامل آهن.پوليس موجب ڪيس ۾ علي زيدي، فردوس شميم نقوي، بلال غفار، خرم شير زمان، ارسلان تاج، محمد علي جي جي، جمال صديقي، محسن بٽ ۽ اشرف علي کي نامزد ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو