ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن جي فوري طور تي آزادي جي زباني درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.3 ايم پي او تحت 180 پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.عدالت سنڌ جي گهرو کاتي، سنڌ جي آءِ جي پوليس ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ ان حوالي سان ڌرين کان 6 فيبروري تائين جواب به طلب ڪيو آهي.










