پي ٽي آءِ کي ڏنل جلسي جو اين او سي معطل

پي ٽي آءِ کي ڏنل جلسي جو اين او سي معطل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي سڀاڻي اسلام آباد جلسي جي لاءِ ضلعي انتظاميه پنهنجي جاري ڪيل اين او سي اوچتو ملتوي ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب اسلام آباد جي ضلعي انتظاميه پاڪستان تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ انهن جلسي جي لاءِ ڏنل اين او سي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. چيف ڪمشنر اسلام آباد طرفان اين او سي ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اين او سي ملتوي جو فيصلو ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽي جي رپورٽ تي ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم اسلام آباد ۾ آهي ان حوالي سان سخت سيڪيورٽي خدشا آهن.اسلام آباد جي ضلعي انتظاميه چيو آهي ته جلسي جي هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ به مظاهرين سپريم ڪورٽ پهچي ويا هئا، اهڙين حالتن ۾ جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو