اسلام آباد (بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته ڪجهه قوتون اڃا به پي ٽي آءِ چيئرمين کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته ڪجهه ماڻهو پرڏيهي سازشن جا اوزار بڻجي ويا آهن.هن چيو ته مسلم ليگ ن جمهوريت جي استحڪام لاءِ ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو بلند ڪيو.ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عوام ان کي ووٽ ڏيندو جنهن جي سي وي مضبوط هوندي.










