اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين خلاف توشه خانه ڪيس جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل تي لکت ۾ ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪيو ويو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري حڪم جاري ڪيو.عدالت سزا خلاف اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل 5 آگسٽ تي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف آهي، اليڪشن ڪميشن جي شڪايت تي سندس خلاف ٽرائل جي ٻڌڻي ڪئي وئي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ٽرائل ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي.عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي جي درخواست تي جلد فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










