لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي فيملي جو هڪ ٻيو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل بي نقاب ٿي ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي خلاف اربين روپين جي زمين فراڊ ذريعي خريد ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ترجمان موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀيڻ ڊاڪٽر عظميٰ خان اربين روپين جي زمين فراڊ ذريعي صرف 13 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڪئي. ڊاڪٽر عظميٰ خان خلاف ضلعي ليه ۾ 5261 ڪنال زمين غيرقانوني طور تي خريد ڪرڻ جو الزام آهي. ترجمان موجب زمين فراڊ ۽ جعلسازي ذريعي 22-2021ع ۾ خريد ڪئي وئي. ڊاڪٽر عظميٰ خان مڙس احد مجيد سان ملي جعلسازي ذريعي زمين منتقل ڪئي. غيرقانوني طريقي سان خريد ڪيل زمين ڊاڪٽر عظميٰ پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس احد جي نالي ڪئي. ترجمان موجب ڌوڪي سان خريد ڪيل زمين جي ماليت 6 ارب روپين کان وڌيڪ آهي. اها زمين تڏهن خريد ڪئي وئي جڏهن ايشين ڊوالپمينٽ بينڪ گريٽر ٿل ڪئنال منصوبي جو اعلان ڪيو هو. ان منصوبي تحت ٿل ڪينال ذريعي بنجر بڻيل زمينن کي آباد ڪرڻ هو.ترجمان ٻڌايو آهي ته ڊاڪٽر عظميٰ خان کي ٿل ڪينال منصوبي جي اڳ ئي خبر هئي. ڊاڪٽر عظميٰ خان ۽ سندس مڙس مالڪن کان زبردستي زمين خريد ڪري پنهنجي نالي منتقل ڪئي. جنهن تي زمين جي مالڪن ڊاڪٽر عظميٰ ۽ ٻين خلاف مقامي ٿاڻي ۾ زمين زبردستي خريد ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪئي هئي.اينٽي ڪرپشن ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه مقامي ماڻهن جسٽس آف پيس ۾ به درخواستون ڏنيون هيون. فراڊ ذريعي خريد ڪيل زمين جو بعد ۾ غيرقانوني طور تي قبضو ورتو ويو.










