پي ٽي آءِ پاران 3 مارچ تي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان

پي ٽي آءِ پاران 3 مارچ تي انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 3 مارچ تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 23 ۽ 24 فيبروري تي جمع ڪرائي سگهجن ٿا.شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جي جاچ 25 فيبروري تي ٿيندي، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ نامزدگي ڪاغذن جو فيصلو 27 فيبروري تائين ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي.انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ پولنگ مرڪزي آفيس سميت چئني صوبائي سيڪريٽرين ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو