پي ٽي آءِ پاران 14 رڪني سياسي ڪميٽي جو اعلان

پي ٽي آءِ پاران 14 رڪني سياسي ڪميٽي جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف 14 رڪني سياسي ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪميٽي پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي فيصلن کي حتمي شڪل ڏيندي.پڌرائي موجب سياسي ڪميٽي پي ٽي آءِ جي باني جي هدايت تي قائم ڪئي وئي آهي.ڪميٽي ۾ عمر ايوب خان، گوهر خان، سينيٽر شبلي فراز، علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، شير افضل مروت ۽ شاهه فرمان شامل آهن.ان کانسواءِ رئوف حسن، عون عباس بيپي، حماد اظهر، عاطف خان، حافظ فرحت، ميان اسلم ۽ خالد خورشيد به ڪميٽي جو حصو هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو