اسلام آباد (الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪوشش هوندي ته هِن ڀيري سينيٽ چونڊن ۾ پئسو نه هلي، سينيٽ چونڊ وڙهڻ جِي خواهش رکندڙ اڳواڻن جِي قابليت ۽ پارٽي لاءِ خدمتن کي نظر ۾ رکيو ويندو، اُميدوارن کي ميرٽ جي بُنياد تي ٽڪيٽ ملنديون.اهڙو اظهار هن پي ٽي آءِ جَي پارلياماني بورڊ جَي اجلاس کي خطاب ڪدي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽ اُميدوارن جي نالن تي غور ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اُميدوارن لاءِ اڪثر نالا فائنل ڪري ورتا، اسلام آباد ۾ حفيظ شيخ ۽ فوزيه ارشد کي اُميدوار نامزد ڪرڻ جو فيصلو، سنڌ ۾ اُميدوارن لاءِ وفاقي وزير فيصل واوڊا ۽ سيف الله ابڙو جا نالا فائنل، سينيٽ چونڊن دوران پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا اُميدوار سيف الله نيازي، ڊاڪٽر زرقا ۽ بئريسٽر علي ظفر هوندا، ڪي پي ۾ شبلي فراز، محسن عزيز، دوست محمد ۽ ثانيا نشتر کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلوڪيو ويو. وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ رهيل اُميدوارن جا نالا جلد ظاهر ڪيا ويندا.










