ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ سرڪاري زمينن تي قبضن جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. اهڙو مطالبو سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم ۽ پي ٽي آءِ جي، ايم پي اي حليم عادل نيوز ڪانفرنس ۾ ڪيو. هنن سنڌ سرڪار خلاف نيب ۾ شڪايت داخل ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ۽ چيو ته نيب ملڪ رياض خلاف به ايڪشن کڻي. ان موقعي تي فردوس شميم نقوي چيو ته آڊيٽر جنرل کان بل پاس ٿيڻ تائين، سنڌ حڪومت جي هر کاتي ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، ملڪ رياض کي ڀڳڙن مٺ تي زمين وڪرو ڪرڻ جا پيرا بلاول هائوس ڏانهن وڃن ٿا. نيب کي اُنهن آفيسرز ۽ وزير سوڌو ملڪ رياض خلاف به ايڪشن کڻڻ گهرجي، مسٽر ٽين کان نائنٽي پرسينٽ جي وچ ۾ موجود هر ماڻهو ڪرپشن لاءِ پرسنٽيج مقرر ڪئي آهي، ظالم حڪومت سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت وٽ هڪ ٻيو عذير بلوچ هجي ها ته حليم عادل کي شهيد ڪري ڇڏين ها. پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو ته ائنٽي ڪرپشن ڦُولن ديوِي جي چوڻ تي مون کي سلطانه ڊاڪو بڻائي ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي ماڻهو ذريعي نيب ۾ شڪايت ڪرائي آهي، نيب نوٽيس جاري ڪيو ته ضرور پيش ٿيندس. پي ٽي آءِ ايم پي اي ملير ۾ سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضن جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هو نيب ۾ شڪايت ڪندو ته ڄامشورو ۽ ٺٽو ۾ مائينز لاءِ ليز تي زمين ڏئي هڪ هڪ ماڻهو کان 20-20 لک رُپيا رشوت ورتي وئي.










