پشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.نجي ٽي وي سان سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو ته اپيڪس ڪميٽي کي دعوت ڏني وئي پر اهي انتقام وٺندڙن سان ڪيئن ويٺا، هڪ طرف لاش آهن ته ٻئي طرف 417 ارب رپين جو حساب گهري رهيا آهن. مان نه ويندس.هن چيو ته فوج ۽ پوليس قربانيون ڏنيون آهن، اسان ساڻن گڏ آهيون، وفاقي حڪومت خيبرپختونخواهه جا فنڊ روڪيا آهن، حڪومت سنجيده ناهي.شوڪت يوسفزئي چيو ته ملڪ ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ فوري چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي.










