پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج

پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن جو فيصلو چيلينج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اليڪشن ڪميشن جي ناراض ميمبر کي فوري طور فنڊنگ ڪيس مان ٻاهر رکڻ ۽ فنڊنگ جا ذريعا ظاهر ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي وزير اسد عمر اليڪشن ڪميشن جي 15 مارچ جي فيصلي کي چئلينج ڪندي اها درخواست داخل ڪئي آهي. اليڪشن ڪميشن ان کان اڳ پي ٽي آءِ جي ناراض باني ميمبر ۽ ڪيس ۾ شڪايت ڪندڙ اڪبر ايس بابر کي پرڏيهي فنڊنگ جي ڪارروائي کان ٻاهر رهڻ ۽ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) جا گهربل دستاويز شيئر نه ڪرڻ جي پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو