پي ٽي آءِ وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊ لاءِ ويندي: فواد چوڌري

پي ٽي آءِ وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊ لاءِ ويندي: فواد چوڌري

لاهور (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف وقت وڃائڻ کانسواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي چونڊن ۾ ويندي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري لکيو ته عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي تڪن ۾ واپس اچن، وڌيڪ وقت ضايع نه ڪنداسين.فواد چوڌري موجب پارٽي اسيمبلي ميمبرن کي فوري طور تي چونڊن جي تياري لاءِ چيو ويو آهي، پي ٽي آءِ وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي چونڊن ۾ حصو وٺندي.پي ڊي ايم تي تنقيد ڪندي فواد چوڌري وڌيڪ لکيو ته موجوده پي ڊي ايم چونڊن کان ائين ڀڄندي رهي جيئن هاڻي هلي رهي آهي، قومي اسيمبلي جون چونڊون بعد ۾ ٿينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو