پي ٽي آءِ وارن اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين

پي ٽي آءِ وارن اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومتي ڪميٽي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومت اڃا تائين ڳالهيون ختم نه ڪيون آهن، جڏهن هڪ طرف کان ختم ٿي ويون آهن ته هو ڳالهين ڪنهن سان ڪن؟، ڇا ڪمري ۾ ويهي ڀتين سان ڳالهيون ڪن؟.پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته تحريڪ انصاف وارا هڪ ڏينهن ڪجهه ته ٻئي ڏينهن ڪجهه ٻيو چوندا آهن، هي ٻارن جي راند ناهي، اگر مگر کان ٻاهر نڪرو.سندس چوڻ هو ته طئي ٿيو هو ته 28 تاريخ تي ويهندا، اچو ويهو ۽ کين ٻڌو، هو تحريڪ انصاف جي هن راند جو حصو نٿا بڻجي سگهن جن ۾ ڪو يقين ناهي. حڪومتي ڪميٽي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو ته حڪومت اڃا تائين ڳالهيون ختم نه ڪيون آهن، جڏهن هڪ طرف کان ختم ٿي ويون آهن ته هو ڳالهين ڪنهن سان ڪن؟، ڇا ڪمري ۾ ويهي ڀتين سان ڳالهيون ڪن؟.

پهنجو تبصرو موڪليو