اسلام آباد(بيورو)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فروغ نسيم پاران پلاٽ ججن جي حوالي ڪرڻ واري فيصلي تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فواد چوڌري جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فروغ نسيم چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا ڪوڙ ڳالهائين، ججن جي پلاٽن بابت ڪابينا جو ڪو فيصلو آهي ته فواد چوڌري کي ڏيکاريو. فروغ نسيم چيو ته فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري جا ججن جي پلاٽن، پينشن ۽ گم ٿيل ماڻهن بابت بيان درست ناهن. هن چيو ته فواد چوڌري ڪابينا جو اهڙو فيصلو ڏيکاري جنهن ۾ چيو ويو هو ته ججن کي پلاٽ نه ڏنا وڃن، مان ان فيصلي کي روڪيو آهي، ججن جي پينشن ۾ گهٽتائي واري ڪابينا جو اهڙو ڪو به فيصلو ناهي. پينشن صدارتي حڪم تحت ملي رهي آهي، صدر عارف علوي کي ختم ڪيو وڃي. ان کان علاوه هن چيو ته عمران خان کيس جسٽس فائز عيسيٰ بابت ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو هو، هو ان موضوع تي وڌيڪ ڳالهائڻ نه ٿو چاهي، اهو سڀني جي مفاد ۾ آهي ته جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس تي نه ڳالهائي.










