پي ٽي آءِ وارا شهرين کي گمراهه پيا ڪن، مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وھاب چيو آھي تھ سنڌ ۾ ڪورونا جِي صورتحال خراب آهي، تحريڪ انصاف وارا لاڪ ڊائون جِي مخالفت ڪري شهرين کي گمراهه ڪري رهيا آهن، الله نه ڪري سڀاڻي صورتحال ڪنٽرول مان نڪري وئي ته اِهي ساڳيا منافق سنڌ حڪومت کي ذميوار قرار ڏيندا، سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ته سنڌ ۾ وئڪسينيشن جو عمل تيز ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن 2 لک کان وڌيڪ شهرين کي وئڪسين لڳائي وئي، سنڌ ۾ڪورونا وئڪسين مهم جاري آهي آھي، 2 لک 22 هزار ماڻهن جي وئڪسين ٿي چڪي آھي، ھن چيو تھ سنڌ حڪومت وئڪسين لاءِ ماڻهن کي آماده ڪيو، سنڌ ۾لاڪ ڊائون تي تنقيد ڪئي وئي، لاڪ ڊائون تي تنقيد مخالفت نه منافقت آهي، پي ٽي آءِ ماڻهن کي حڪومتي قدمن کان گمراهه ڪيو آھي، ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي مخالفت ۽ لاهور ۾آجيان ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ۽ اتحادي جماعتون منافقت بند ڪن، پاڻ ڪم نه ٿا ڪريو ته ٻين کي ڪم ڪرڻ ڏيو، عامر لياقت جو عمل مذمت جوڳو آهي، عامر لياقت ٽرئفڪ اهلڪار کي گارگند ڪئي، گار گند پي ٽي آءِ جو ڪلچر آهي، عامر لياقت کي ٻين سان پيش اچڻ جي تهذيب سکڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو