اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي سميت ٻين پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيسن تي جلد فيصلي لاءِ الڳ الڳ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير فرخ حبيب اڳ ۾ ئي التوا واري ڪيس ۾ ٻي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ سميت ٻين پارٽين جي ممنوع فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ناڪام رهي، پي ٽي آءِ خلاف ڪوڙي رپورٽ جو سياسي فائدو وٺڻ لاءِ ٻين سياسي پارٽين کي موقعو ڏنو ويو، اهڙا حربا جمهوريت خلاف آهن.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ ان جي ميمبرن جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، درخواست ۾ اٿاريل اهم سوالن جو فيصلو ڪيو وڃي ته جمهوريت کي تحفظ ڏنو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي (ن) ليگ، پ پ ۽ ٻين پارٽين جي پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس جي روزاني ٻڌڻي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.










