پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي اجازت لاءِ سُپريم ڪورٽ پهچي وئي

پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي اجازت لاءِ سُپريم ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ لانگ مارچ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آھي، وفاق ۽ پنجاب کي احتجاج جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي پي ٽي آءِ پاران درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته حڪومت کي رنڊڪون وجهڻ، تشدد ۽ گرفتارين کان روڪيو وڃي، پُرامن احتجاج هر شهري جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته امپورٽيڊ حڪومت وفاق ۽ صوبن ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ گهري ٿي، ڪهڙو قانون پُرامن احتجاج کان روڪي ٿو؟ سُپريم ڪورٽ ۾ اڳواٽ اجازت لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ بنيادي حقن جا سوال اُٿاريا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو