پي ٽي آءِ فنڊنگ: 18 مهينن جي خاموشيءَ بعد اسڪروٽني ٻيهر شروع

(اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اِي سي پي) جي اسڪروٽني ڪميٽيءَ پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڪائونٽن جي آڊٽ ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ پاران اٿاريل اعتراضن واريون چار ئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا خان جي سربراهيءَ ۾ 03 رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪرڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو. محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽيءَ کي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا لاڳاپيل ذميوار ڪميٽيءَ آڏو 14 آڪٽوبر تي پيش ٿين. واضح رهي ته پي ٽي آءِ کي پرڏيهه مان مليل فنڊنگ جي ڪيس بابت اِي سي پيءَ جو اجلاس 18 مهينا نه گهرايو ويو ۽ ايڏي طويل وقت کانپوءِ ڪميشن اجلاس ڪري فيصلو محفوظ ڪيو ۽ هاڻي اسڪروٽني ڪميٽيءَ کي به جاڳايو ويو آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي پرڏيهه مان آيل 30 لک ڊالر ٻن آف شور ڪمپنين وسيلي گهرائڻ بابت ڪيس پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ اڪبر ايس بابر پاران داخل ڪرايو ويو آهي.    

پهنجو تبصرو موڪليو