راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي، جيل انتظاميا موجب اسد عمر کي عدالت جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.ذريعن موجب اسد عمر آزاد ٿيڻ بعد گيٽ نمبر هڪ کان پرائيويٽ گاڏي ۾ ويهي روانو ٿيو. آزاد ٿيڻ بعد کيس ٻيهر گرفتار نه ڪيو ويو.ٻئي طرف اڊيالا جيل ٻاهران پنجاب پوليس جا جوان به موجود آهن.ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي ٻن ڪيسن ۾ ٻن ڏينهن لاءِ گرفتاري کان روڪي ڇڏيو هو.عدالت مارگلا ۽ ترنول ٿاڻي تي داخل ڪيسن ۾ اسد عمر کي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اسد عمر جي گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.










