پي ٽي آءِ سياسي قيدين جي فهرست ڏئي ته پوءِ جواب ڏينداسين

پي ٽي آءِ سياسي قيدين جي فهرست ڏئي ته پوءِ جواب ڏينداسين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهين ڪندڙ سرڪاري ڪميٽي جي ميمبر رانا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ کي سياسي قيدين جي فهرست فراهم ڪري پوءِ اسان بحث کان پوءِ انهن جو جواب ڏينداسين. رانا ثناءُ الله ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به جمهوري ۽ سياسي نظام ۾ ڳالهيون بنيادي ضرورت آهن، اسان جڏهن به اپوزيشن ۾ هئاسين تڏهن به ڳالهين جي حق ۾ هئاسين.هن چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ تحريري مطالبا پيش ڪندي ته اسان انهن کي پارٽي ۽ اتحادين وٽ کڻي وينداسين. پي ٽي آءِ جي تحريري مطالبن تي بحث ڪرڻ کان پوءِ، اسان انهن جو جواب ڏينداسين. رانا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا عدالتي ڪميشن چاهين ٿا ته ان جا ٽي او آر ڇا هوندا، هن عدالتي ڪميشن جا اختيار ڇا هوندا؟، هو ڪيتري دير ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندو؟ اهميت انهن شين ۾ آهي جن تي اڃا تائين بحث نه ٿيو آهي،مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته اجلاس ۾ اسان اهو چيو هو ته جوڊيشل ڪميشن جا ٽي او آر ڇا چاهين ٿا، پوءِ ڇا توهان وٽ جوڊيشل ڪميشن جي سربراهي لاءِ ڪا شرط آهي يا نه؟،هڪ سوال جي جواب ۾ رانا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر ڪهڙن ماڻهن کي سياسي قيدي سمجهن ٿا؟ ڇا انهن ماڻهن کي سياسي قيدين جي حيثيت حاصل آهي يا انهن ڪو ٻيو ڏوهه ڪيو آهي، اهي سڀ شيون آهن جن ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مشورو آهي ته انهن سڀني شين تي پرسڪون ۽ صبر سان بحث ڪيو وڃي ۽ اتفاق راءِ تي پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو