پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلن پيون ان ۾ ڪو   انڪار ناهي

پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلن پيون ان ۾ ڪو انڪار ناهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، هو انڪار نٿو ڪري.نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوران مولانا فضل الرحمان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۾ شموليت بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته اهو سوال مون پهريون ڀيرو نه ٻڌو آهي، توهان پهريون ڀيرو نه چئي رهيا آهيو.هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ان کان انڪار ناهي، جيڪڏهن ڪو فيصلو هجي ها ته اوهان تائين پهچي ها.جي يو آءِ سربراهه چيو ته جڏهن فيصلا ٿيندا ته دنيا کي خبر پوندي ۽ پوءِ پڇڻ جي ضرورت نه پوندي، جڏهن نواز شريف ملڻ چاهي ته ڪو مسئلو ناهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان عزت جي سياست ڪئي، مخالف کي گاريون نه ڏنيون پر گاريون برداشت ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو