پي ٽي آءِ روڊ بلاڪ ڪري ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي: گهرو وزير

پي ٽي آءِ روڊ بلاڪ ڪري ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي: گهرو وزير

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران روڊ بلاڪ ڪري ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي.هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته لاهور کان وزيرآباد تائين عوام پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته هو ڏيڍ کان ٻه هزار ماڻهن جو سمنڊ کڻي ويندا، اميد آهي ته پي ٽي آءِ روڊ بلاڪ نه ڪندي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ لانگ مارچ دوران روڊ بلاڪ ڪري ته حڪومت پنهنجو ڪم ڪندي.گهرو وزير چيو ته عارف علوي ٻيهر ثابت ڪيو ته هو پاڪستان جي اعليٰ عهدي لاءِ مناسب ناهي، وزيراعظم پنهنجي پارٽي سان صلاح ڪري سگهي ٿو جڏهن ته صدر کي باضابطا طور تي سمري تي دستخط ڪرڻا هئا.راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ جي صدر آئيني ذميواري پوري ڪندي سياسي رخ اختيار ڪيو آهي، آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي صدر عارف علوي ۽ عمران خان پردو پئجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو