پي ٽي آءِ حڪومت پاران به وڏي پيماني تي قرض وٺڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) هڪ سرڪاري دستاويز ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پنهنجي گذريل هڪ سال واري حڪومت دوران رڪارڊ سطح تي قرض ورتا ويا آهن. ”جيو اردو ويب سائيٽ“ تي شايع ٿيل رپورٽ مطابق اهي قرض آگسٽ 2018 کان آگسٽ 2019 تائين ورتا ويا آهن. هڪ سال دوران غيرملڪي قرضن ۾ 2804 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي. حڪومت پاران پهرين سال دوران جيڪي قرض ورتا ويا آهن انهن جا تفصيل اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي اماڻيا ويا آهن. ذريعن مطابق سرڪاري دستاويز ۾ اهو انڪساف به ڪيو ويو آهي ته موجوده حڪومت جي هڪ سال دوران قرضن ۾ مجموعي طور تي 07 هزار 509 ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي. وفاقي حڪومت ملڪ اندران (مقامي قرض) 04 هزار 705 ۽ غير ملڪي قرض 02 هزار 804 ارب روپين جو قرض ورتو آهي. آگسٽ 2019 ۾ ملڪ مٿان قرضن جو حجم وڌي 32 هزار 240 ارب ٿي ويو آهي جيڪو موجوده حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ 24 هزار 732 ارب روپيا هيو.

پهنجو تبصرو موڪليو