پي ٽي آءِ حقيقت آهي سياسي پارٽي ناهي: راڻا ثناءُ الله

پي ٽي آءِ حقيقت آهي سياسي پارٽي ناهي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جو رويو پاڪستان جي سياست ۾ بگاڙ آهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه پر حقيقت آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني ڪنهن سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن هو اقتدار ۾ هو تڏهن به هن ڪنهن کي ڪجهه به نه سمجهيو. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جڏهن اهي اسان تي ڪيس ٺاهي رهيا هئا ته ان وقت به چارٽر آف ڊيموڪريسي جي ڳالهه ڪئي هئي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جو رويو پاڪستان ۾ انتشار جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو