لاهور(ويب ڊيسڪ)پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جنهن جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي ٻڌڻي دوران پوليس پي ٽي آءِ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي. عدالت جاچ آفيسر جي درخواست تي زبير خان نيازي، ميان محمود رشيد، شفقت محمود، ياسمين راشد، حماد اظهر، اعجاز چوڌري، ميان اسلم اقبال، مراد راس، ياسر گيلاني، امتياز محمود شيخ، نديم عباس ۽ عندليب عباس جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.










