پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن. جنهن بعد شيخ رشيد سميٽ پي ٽي آءِ جي ڪل 123 ميمبرن جون استعيفائون چئن مرحلن ۾ منظور ٿي چڪيون آهن. پهرين مرحلي ۾ 11 ميمبرن جي استعيفا منظور ٿي ته انهن مان هڪ شڪور شاد عدالت ۾ درخواست ڏني ته استعيفا ناهي ڏني، جنهن بعد هنکي ڇڏي باقي 10 سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿي جن مان شاهه محمود قريشي جي ملٽان واري سيٽ ۽ ڪراچي ملير مان پي ٽي آءِ جي سيٽن تي پي پي اميدوار ڪامياب ٿيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر استعيفيٰ جي هي کيپ گذريل ڏينهن منظوري لاءِ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي هئي ۽ اڄ امڪان آهي ته ڪميشن انهن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏي. هاڻي رڳو تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊيل منحرف ميمبر قومي اسيمبلي ۾ رهجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو