ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيا عطا مري پاران مريم نواز جي ٽوئيٽ جي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي جي قومي اسيمبلي واري تڪ 249 ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي شڪست تي مسلم ليگ نواز جو پريشان ۽ وايون بتال ٿيڻ ھڪ سواليا نشان آهي ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته ميڊيا کي ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي نظر نه آئي پر رڳو مريم نواز کي نظر آئي.ھن چيو ته قادر مندو خيل فيصل واوڊا کي قومي اسيمبلي جي سيٽ ڇڏي فرار ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جو هدف موجوده عمران نيازي نااھل حڪومت جو خاتمو آهي ۽ نه ئي ڪا به مخالف جماعت آهي.شازيا مري وڌيڪ چيو ته اھو وقت گذري ويو جڏهن ووٽرن کي سندن ووٽ ڏيڻ بغير چيو ويندو هو ته ووٽ داخل ٿي ويو. ھن چيو ته ڪراچي جي ضمني چونڊن جي نتيجن پيپلزپارٽي جي مخالفن کي بي چين ڪري ڇڏيو آهي.مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري پي پي پي چيو ته اسان مخالف ڌر سان اپوزيشن جي حق ۾ نه آھيون. ھن چيو ته ڪراچي جي عوام بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به آصف زرداري جي رھنمائي رھندي ۽ قيادت بلاول ڀٽو زرداري ڪندو، جڏهن ته فتح عوام جي ٿيندي.










