پي ٽي آءِ جو پهريون ۽ آخري ٽرم آهي، نبيل گبول

ڪراچي(باغي ساگر پنهوار)پي پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير وزير نبيل گبول چيو آھي  پي پي سڄي ملڪ ۾ مضبوط آھي ڪشمير ۾ ڌاندلي نه ٿئي ھا ته پي پي وڏي اڪثريت سان سوڀ حاصل ڪري ھا ڪراچي جي علائقي صفوران ڳوٺ ۾ پي پي اڳواڻ رحيم گبول جي وفات تي ٽيجھي جي موقعي تي پي پي اڳواڻ رئيس لکھمير گبول سان گڏ  تعزيت کانپوء ميڊيا سان ڳالھائيندي نبيل احمد گبول چيو ته رحيم گبول پارٽي سان گڏ برادري جي ماڻھن سان به فاتحه  ڪئي ھو ڏک جي ھن گھڙي ۾ رحيم گبول جي واثن سان گڏ آھن ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ صلاحڪارن جي ردوبدل انتظامي معاملو آھي مخالف ڌر جو اعتراض اجايو آھي سندس چوڻ ھو ته مرتضيٰ وھاب جي ايڊمنسٽريٽر ٿيڻ سان شھر جون خراب حالتون بھتر ٿينديون نبيل گبول چيو ته پي ٽي آء وارا ڪنھن خوش فھمي ۾ نه رھن ھي سندن پھريون ۽ آخري وقت اٿن سليڪٽر به ھنن کان ناراض ۽ بيزار ٿي چڪا آھن رئيس لکھمير گبول چيو ته رحيم گبول جي اوچتي وڇوڙي تي دلي صدمو پھتو آھي ھو ڏک جي ھن گھڙي ۾ برادري وارن سان گڏ آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو