پي ٽي آءِ جو مارچ رياست مخالف سازش هئي:گهرو وزير

پي ٽي آءِ جو مارچ رياست مخالف سازش هئي:گهرو وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 25 مئي جو لانگ مارچ سياسي سرگرمي نه پر رياست مخالف سازش هئي، اهو سياسي بيان نه پر مجرماڻو عمل هو.اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وفاقي ڪابينا عمران خان جي ڪارڪنن کي هٿيار آڻڻ جي بيان جو نوٽيس ورتو آهي، حڪومتي وسيلا استعمال ڪيا ويا.گهرو وزير چيو ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه هئي پر واضح طور تي رياست تي حملي جي ڪوشش هئي جنهن لاءِ پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن اڳ ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جماعتون گڏ ڪيون هيون ۽ لانگ مارچ تي گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو هو. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سان گڏ ڪجهه هزار ماڻهو ڊي چوڪ تي گڏ هئا، هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪئي، هي سياسي بيان ناهي، مجرماڻو عمل آهي، اتي ماڻهو هئا،هن وڌيڪ چيو ته سندس ماڻهو فائرنگ جي ارادي سان آيا هئا، اهو فتنا ۽ فسادي مارچ هو، ڪابينا تجويز ڏني آهي ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، اميد آهي ته ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ کيس سزا ضرور ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو