اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عمران خان طرفان سمورن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو جلسي جي تياري جاري رکن، عوام ۾ ٻاهر نڪري تحريڪ شروع ڪئي وڃي، جلسي جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان سان عمر ايوب، اعظم سواتي ۽ بئريسٽر گوهر اڊيالا جيل ۾ هنگامي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اڄوڪي ملاقات ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي هدايت تي اسلام آباد جي جلسي جي تاريخ تبديل ڪئي پئي وڃي، جلسي جي نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اعظم سواتي اجلاس ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اجلاس 8 يا 9 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو.بعد ۾ اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ کي 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان حوالي سان ضلعي مئجسٽريٽ اسلام آباد به نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد انتظاميا مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب 22 آگسٽ جو اين او سي منسوخ ڪيو هو ۽ انتظاميه 8 سيپٽمبر جي جلسي کي سيڪيورٽي فراهم ڪندي.










