پي ٽي آءِ جا وڌيڪ 43 قومي اسيمبلي ميمبر ڊي نوٽيفائي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي وڌيڪ 43 ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 43 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون، جنهن کانپوءِ رڳو پي ٽي آءِ جا منحرف ميمبر ۽ موڪلن لاءِ درخواستون ڏيندڙ 2 ميمبر قومي اسيمبلي ۾ رهجي ويا آهن.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون ۽ ڊي نوٽيفڪيشن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو.هاڻي خبرون آهن ته اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي 43 استعيفيٰ ڏيندڙ ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو