اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف مٿان پابندي لڳائڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته عمران خان جو هر طريقو ناڪام ٿي ويو. فوجي ٺڪاڻن تي حملا عمران خان جو آخري آپشن هو. 9 مئي جا واقعا اوچتو نه پر پري پلاننگ تحت ٿيا. خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ لاءِ غور ڪري رهيا آهيون. عمران خان جا بزدلانا عزائم هئا جيڪي ڪنهن ڀارتي جا ٿي سگهن ٿا، پاڪستاني جا نه. جائزو ورتو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي. پي ٽي آءِ رياست کي چيلينج ڪيو آهي. رياست جي اثاثن تي حملو ڪيو ويو. ڪهڙو اهڙو ڏوهه آهي جيڪو 9 مئي تي نه ٿيو هجي. دفاع واري وزير چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي بابت فيصلو ٿيو ته پارليامينٽ سان رابطو ڪيو ويندو. عمران خان جيترا به قدم کنيا آهن انهن تي ڀارت ۾ خوشيون ملهايون ويون. ڀارت به جيڪو پاڪستان سان نه ڪري سگهيو اهو عمران خان ڪري ڏيکاريو. خواجه آصف چيو ته اسان عمران خان کي ڪوبه نقصان نه پهچائي سگهياسين عمران خان کي پنهنجي کنيل قدمن سبب نقصان ٿي رهيو آهي. عمران خان چوي ٿو ته 9 مئي واقعن جي مون کي خبر نه هئي. هاڻ چئي رهيو آهي ته مون کي جيڪڏهن ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته ساڳيو ري ايڪشن ايندو. عمران خان ايترو معصوم بنجڻ جي ڪوشش نه ڪري. عمران خان هڪ جوا کيڏي جنهن ۾ کيس شڪست ملي هاڻ هو بهانا ڪري ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو.










