پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن کدڙن جي حملي ۾ زخمي

پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن کدڙن جي حملي ۾ زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو ترجمان رئوف حسن تي بليڊ سان حملو، سندس منهن مان رت وهڻ لڳو ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو. رئوف حسن جڏهن خانگي ٽي وي چينل جي آفيس مان ٻاهر نڪتو ته 4 کدڙن فقيرن مٿس حملو ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته اسين شاهديون گڏ ڪريون پيا ۽ بظاهر ابتدائي معائني موجب مٿس ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي ماڻهن حملو ڪيو آهي. هنکي ڌڪا ڌوڻا به ڏنا ويا.  پي ٽي آءِ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي حملو انهن ڪرايو آهي جن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائي ۽ هو اسانکي ڊيڄارڻ چاهين ٿا. پارٽي ان کي قابل مذمت قرار ڏيندي ذميوارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب حملي جو ذميوار شهباز شريف حڪومت کي قرار ڏنو آهي. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر شبلي فراز اهو معاملو اٿاريو ۽ ان جي مذمت ڪئي. مسلم ليگ (ن) جي عرفان صديقي، مشاهد حسين ۽ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن فاشسٽ واقعن سان متاثره ڌر مقبول ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو