پي ٽي آءِ باني سميت پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ سان رابطو ناهي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني سميت ڪنهن به پي ٽي آءِ اڳواڻ سان رابطو ناهي.راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پي ٽي آءِ جي ڳالهين بابت شبلي فراز ئي ڪجهه چئي سگهي ٿو.هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ ڊپٽي وزيراعظم لاءِ ڪا به جاءِ ناهي، ڊپٽي وزيراعظم جاتي امرا جو آئين آهي، ايندڙ 2 مهينا انتهائي اهم آهن.شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هو لفافن ۾ پائوڊر ڏئي عدليه ڏانهن موڪلي رهيا آهن، 9 مئي سانحي جا جيڪي به بيگناهه آهن انهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته هاري ۽ صنعتڪار روئي رهيا آهن، اڃا تائين هڪ ڪلو ڪڻڪ خريد نه ڪئي وئي آهي، نيب کي ڪڻڪ اسڪينڊل جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي، حڪومت کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ٻن مهينن ۾ سياست پنهنجا رنگ ڏيکاريندي.

پهنجو تبصرو موڪليو