سکر(ن س)تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ نامزد پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي سنڌ پوليس حراست ۾ وٺي ڪوئيٽا کان سکر منتقل ڪري ڇڏيو آهي.اعظم سواتي خلاف ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.پوليس ذريعن موجب اعظم سواتي کي اڄ صبح سنڌ پوليس ڪوئيٽا پوليس حراست ۾ ورتو ۽ کيس هوائي جهاز ذريعي سکر آندو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي کي اڄ مقامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.










