پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران تشدد خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران تشدد خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پوليس آفيسرن خلاف حراست دوران تشدد جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻن راجا اظهر ۽ فهيم خان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ متفرق فوجداري درخواست داخل ڪئي آهي. درخواستگذارن جي وڪيل منيب خٽڪ ايڊووڪيٽ موجب، ٻنهي اڳواڻن کي 8 فيبروري تي ڪراچي جي ڪورنگي مهراڻ ٽائون علائقي مان پوليس اهلڪارن پاران اغوا ڪيو ويو هو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواستگذارن کي پوليس حراست دوران بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جيڪو قانون جي تحت ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو. عدالت کان درخواست ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل پوليس آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ماتحت عدالت پوليس عملدارن جي رپورٽ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. درخواست ۾ ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ڪورنگي، ڊي ايس پي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي ڌر بڻايو ويو آهي.عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪرڻ جي اميد رکي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو