لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) افغانستان خلاف سيريز لاءِ ڪوچز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي سي بي موجب افغانستان خلاف ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ عبدالرحمان قومي ٽيم جو هيڊ ڪوچ هوندو، جڏهن ته عمر گل بالنگ ۽ بيٽنگ ڪوچ هوندو.پي سي بي موجب عبدالمجيد فيلڊنگ ڪوچ هوندو، منصور رانا ٽيم مئنيجر هوندو.ان کان علاوه ڊريڪ سائمن ٽرينر، ڪلف ڊيڪن فزيو ۽ طلحه اعجاز تجزيه نگار هوندو.واضح رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون 24، 26 ۽ 27 مارچ تي شارجه ۾ کيڏيون وينديون.










