اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)وفاقي آئيني عدالت پي بي 21 حب ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.وفاقي آئيني عدالت بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 21 حب جي چونڊ عزاداري بابت ڪيس ۾ باپ پارٽي جي اميدوار محمد صالح ڀوتاڻي جي درخواست منظور ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو 20 ڊسمبر 2024 جو فيصلو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو 16 ڊسمبر 2024 جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو لکت واري فيصلي ۾ وفاقي آئيني عدالت اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته 39 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواستن جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي 20 نومبر 2024 جي حڪم جي روشني ۾ نئين سري سان ڪيو وڃي.عدالت واضح ڪيو ته اليڪشن ڪميشن اهڙين درخواستن تي قانون موجب ٻن مهينن جي اندر فيصلو مڪمل ڪندو. فيصلي ۾ چيو ويو هي ته ٻيهر ڳڻپ بابت نئين فيصلي تائين محمد صالح ڀوتاڻي جي چونڊ پوزيشن بحال رهندي. جڏهن ته علي حسن زهري جي تڪ پي بي 21 حب مان بطور صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ختم ڪيو ويو آهي.وفاقي آئيني عدالت قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جو قدم سپريم ڪورٽ جي 20 نومبر 2024 جي حڪم جي ڀڃڪڙي هو، ڇو ته سپريم ڪورٽ ڌرين جي راضپي سان ٻيهر ڳڻپ بابت سموريون ڪارروايون ملتوي ڪيون هيون. عدالت موجب اليڪشن ڪميشن پراڻي ڳڻپ جي نتيجن تي ٻيهر ڀاڙي نٿي سگهيو.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻيهر ڳڻپ جو حڪم صرف انهي صورت ۾ ڏئي سگهجي ٿو جڏهن پڪين شاهدين ۽ چونڊ بي ضابطگين جا واضح ثبوت موجود هجن. انهي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ڪئي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ري ڪائونٽنگ کان پوءِ علي حسن زهري کي ڪامياب قرار ڏنو هو.










