ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان نيوي جو جهاز نصر آفريڪي ملڪن ۾ ٽن مهينن جو امدادي مشن مڪمل ڪري واپس ڪراچي پهچي ويو آهي. نيوي جي ترجمان ٻڌايو آهي ته هي جهاز پاڪستاني عوام پاران هڪ هزار ٽن چانور کڻي ويو هو جيڪي گذريل سال نائيجر ۾ آيل مها ٻوڏ ۽ ڪجهه علائقن ۾ خشڪ سالي سبب وڏي تباهي آئي هئي. نيوي جو جهاز (ايڇ آي ڊي آر) مشن تي سوڊان جي شهر جبوتي، بينن، نائيجر ۾ امدادي سرگرمين ۾ شريڪ رهيو. جڏهن ته پي اين ايس نصر ڪينيا جي شهر ممباسا به خير سگالي طور ويو هو.

امدادي سامان پهچائڻ تي ميزبان ملڪن جي اعليٰ نيول اختيارين پاڪستاني قوم، حڪومت ۽ نيوي جا ٿورا مڃيندي دوستي کي مضبوط ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. ڪراچي پهچڻ تي فليٽ ڪمانڊر آڌر ڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي پرڏيهي کاتي جا نمائندا ۽ نيوي جا آفيسر به موجود هئا. هي مشن آفريڪا سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ واري پاليسي جو حصو هو.










