پي اين ايس سي جا مختلف ڪمپنين سان معاهدا

ڪراچي(پ ر) پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن PNSC خرچ گهٽائڻ لاءِ مختلف ڪمپنين سان ٻه ڌار ڌار مفاهمت جي ياداشت نامن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪيون آهن. هڪ ياداشت نامي تي IMGC ۽ وحيد گروپ آف انڊسٽريز جي ڪنسورشيم سان ڏور اوڀر کان پاڪستان تائين کاڄرو تيل کڻي اچڻ لاءِ آهي. پاڪستان هر سال 3 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو کاڄرو تيل درآمد ڪري ٿو، جنهن مان وڏو حصو آمريڪي ڊالر ۾ فريٽ چارجز جي مد ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو. ايم او يو تي صحيحن سان خوردني تيل جا درآمد ڪندڙ بهتر پوزيشن ۾ هوندا ته جيئن درآمد جي لاڳت ۾ گهٽتائي ٿي سگهي. ان اقدام سان نه رڳو پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿيندي پر پاڪستاني مارڪيٽن ۾ خوردني تيل جي معاشي ۽ قابل اعتماد دستيابي کي به يقيني بڻائي سگهبو.

Photo PNSC

ٻيو ياداشت نامو پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۽ ENAR پيٽروليم ريفائننگ سان ڪيو ويو آهي. جنهن هيٺ ENAR پيٽروليم ۽ ريفائننگ جي سهولت فراهم ڪندي تمام گھٽ اگهه تي سلفر فيول آئل فراهم ڪندي. ان سان ڪارپوريشن کي پرڏيهي بندرگاهن تان اهو تيل کڻڻ واري ڪم جي بچت ٿيندي ۽ خرچ به گهٽبا. اهو بندوبست اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن پاڪستان پرڏيهي مٽاسٽا واري ناڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو