نوشھروفيروز )ن سنڌيار)پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي احتجاجي سڏ تي سڄي سنڌ جيان ضلع نوشھروفيروز جي سمورن صحت مرڪزن تي پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن 2076 پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر صوبائي صدر خادم حسين مستوئي ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سھتو حزب الله راڄپر محمد سعود ٻوهيو اشرف قريشي محمد يونس وسڻ ۽ ٻين چيو ته اسلام ڪوٽ جي پرزائيڊنگ آفيسر ڊاڪٽر گهنشام تي پولنگ اسٽيشن تي وڏيري غلام محمد جوڻيجو پاران گندگار ڪري تشدد ڪرڻ نهايت ئي افسوسناڪ ۽ شرمناڪ عمل آھي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آھي ڇوته هڪ ڊيوٽي آفيسر کي چماٽ ھڻڻ سموري سوسائٽيء جي منهن تي چماٽ آھي ڇوته سرڪاري ملازم خدمت ڪرڻ لاء مقرر ٿيندا آھن پر گندي سوچ رکندڙ بدمست وڏيرا انهن ملازمن کي پنهنجو ذاتي نوڪر سمجهندا آھن۔اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر گهنشام صحت کاتي جو آفيسر هئڻ سان گڏ اليڪشن ڪميشن جو نمائندو ٿي ڊيوٽي سرانجام ڏيئي رهيو هو پر هن مهل تائين اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر جي تذليل ۽ تشدد ڪندڙ تي ڪوبه قدم نه کنيو آھي جنهنڪري اڄ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي جيڪڏهن اهڙا واقعا ٿيندا رهيا ته ڪوبه ملازم ڊيوٽي نه ڪري سگهندو۔اڳواڻن سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو ته اهڙي بدڪردار غلام محمد جوڻيجو کي نوڪريء مان برطرف ڪري کيس گرفتار ڪرائي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ڇوته ملازم کي سياست ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ڪونهي۔ جيڪڏهن تڪڙو قدم نه کنيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو۔










