پي ايس 86 جي چونڊ کان اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻ پيپلزپارٽي ۾ شامل

دادو(ادل مهيسر) پي ايس 86 جوهي جي ننڍي چونڊ کان اڳ ضلع دادو جي سياست ۾ اهم تبديلي اچي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي جتوئي جو ويجهو ساٿي پي ايس 86 اميدوار ڊاڪٽر بنده علي پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر بنده علي لغاري ماضي ۾ پي ايس 86 جوهي تي پيپلز پارٽي جي اميدوار مرحوم سيد غلام شاه جيلاني سان مقابلي ۾ اليڪشن وڙهندو رهيو آهي. ڊاڪٽر بنده علي لغاري باضابطه طور وزير اعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ذريعي پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو