پي ايس 86 جي چونڊ، اميدوارن ۾ سخت مقابلي جو امڪان

دادو (ادل مهيسر) تعلقي جوهي جي پي ايس 86 تڪ تي 7 نومبر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جون سرگرميون وڌي ويون، پ پ پنهنجي سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻ لڳي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ويجهي عزيز پير سيد صالح شاهه کي کٽرائڻ لاءِ اندروني ورڪ ۾ اڳڀررو ٿي ويو. جوهي پي ايس 86 جي ايم پي اي جي سيٽ پير سيد غلان شاهه جيلاني جي وفات بعد خالي ٿي هئي پ پ پاران ٽڪيٽ مرحوم پير سيد غلام شاه جيلاني جي فرزند پير سيد صالح شاه جيلاني کي ڏني وئي آهي. جڏهن ته پي ٽي آئي پاران ٽڪيٽ سردار امداد علي خان لغاري کي ڏني وئي آهي ٻنهي اميدوارن پاران جوهي تعلقي جا طوفاني دورا تعزيتن جو سلسلو جاري جڏهن ته ڪاڇي جو عوام پيپلز پارٽي جي اميدوارن مان بيزار ٿي چڪو آهي. ڪاڇي ۾ ڏڪار، پيئڻ ۽ زراعت لاءِ پاڻي تاحال نه پهچڻ ڪري غريب ڪاڇي واسي پيرن کي ڇڏي پنهنجي ڪاڇي واسي اميدوار امداد حسين لغاري کي آزمائڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور ڏئي رهيا آهن. ياد رهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ وڏيرن ۽ سرندي وارن کي سولر پليٽون، پکا، بلب ۽ روڪ رقم ڏيڻ جو سلسلو وڌائي ڇڏيو آهي. وڌيڪ فيصلو عوام 7 نومبر تي ڪندو جڏهن ته اليڪشن کي صاف شفاف بنائڻ لاءِ فوج رينجرز دادو پهچي وئي آهي. ٻئي طرف جوهي جي پي ايس 86 تي 7 نومبر تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ سر عام چونڊ مهم هلائڻ تي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر عبدالزبير خان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ٽائون ڪاميٽي جوهي جي چيئر مين عبدالمجيد جمالي مٿان 30 هزار  روپيه ڏنڊ وڌو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ضلعي دادو جي صدر ايم اين رفيق احمد جمالي ۽ ايم پي اي شجيلا لغاري به جوهي ۽ ڪاڇي ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪرڻ سان گڏ  پ پ اميدوار  پير صالح شاه جيلاني جي سرعام چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي چڪي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو