لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي صوبائي اسمبلي جي تڪ 11 ۾ ننڍي چونڊ غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي کٽي ويو ۽ 5 هزار کان مٿي جي ليڊ تي پي پي اميدوار جميل احمد سومرو کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ابتدائي غير سرڪاري نتيجن موجب معظم عباسي ساڍا 31 هزار کان مٿي ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته جميو سومرو کي 26 هزر ووٽ پيا. شام 7 وڳي ئي پي پي ڪارڪن ڊي آر او آفيس پهچي ويا ۽ زبردستي آفيس ۾ گهرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کين روڪيو ويو. هوڏانهن پي پي چيئرمين پارٽي ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي دٻاءَ باوجود ڪارڪنن محنت ڪئي. اسين هر فورم تي نتيجن کي چيلينج ڪنداسين.
ان کان اڳ پولنگ دوران پي پي جا چونڊيل نمائندا خورشيد جوڻيجو، برهان چنڊيو ۽ سهيل انور سيال مختلف پولنگ جو دورو ڪيو. جنهن تي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ کي خط لکي چيو ته هنن کي روڪيو وڃي ۽ کين پوليس ڪنهن به پولنگ تي وڃڻ نه ڏنو. شڪايت موجب سندن دورن سبب چونڊ عمل متاثر ٿئي پيو. هوڏانهن پي پي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته چونڊيل نمائندن کي روڪڻ پي پي پي کي برابر جي مقابلي کان روڪڻ آهي. هن پولنگ اسٽيشنز ۾ فوج جي مقرري کي غير ضروري قرار ڏنو آهي.
ووٽنگ جو عمل جاري آهي ۽ 12 تائين پولنگ اسٽيشنز تي رش گهٽ نظر آئي. پولنگ اسٽيشنز تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، پوليس، رينجرز ۽ پاڪ آرمي جا جوان مقرر ڪيا ويا آھن. 138 پولنگ اسٽيشنز مان 20 انتهائي حساس ۽ 50 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. 2018 ۾ هتان جي ڊي اي جي معظم عباسي پيپلز پارٽي جي ندا کهڙو کي شڪست ڏني هئي. جنهن بعد عباسي کي 26 ايڪڙ زمين ظاهر نه ڪرڻ سبب عدالت چونڊ عمل رد ڪري ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو هو.










