لاهور (بيورو رپورٽ) پي ايس ايل فائيو (5) جي ميچن لاءِ ٽڪيٽن جي قيمت گهٽ رکڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. ذريعن مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هائوس ڦل لاءِ ٽڪيٽن جي ڪمائي کان وڌيڪ اسٽيڊيم ڀرجڻ کي ترجيح ڏيندي ڄاڻايل پلان موجب ڏينهن وارين ميچن جي ٽڪيٽ جي قيمت گهٽ رکڻ جي تجويز ڏني آهي جيتوڻيڪ رات وارين ميچن ۾ 3 کان 3 سئو رپين جو اضافو ڪيو ويندو. جڏهن ته ميزبان شهر ۾ ٿيندڙ اهم ميچن جي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ به ڪجهه فرق رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ٽڪيٽن جي خريداري 20 جنوري کان شروع ٿيندي پي ايس ايل جي افتتاحي تقريب 20 جنوري تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جڏهن ته فائنل 22 مارچ تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو.










