ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) يورپي ايويئيشن سيفٽي ايجنسي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن (پي آئي اي) جون يورپ لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سول ايويئيشن اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي تفصيل مطابق يورپي ايويئيشن سيفٽي ايجنسي (اياسا) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن جون يورپ لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو پاڪستان سول ايويئيشن جا عملدار رجسٽريشن ۽ اوورسائيٽ معاملن تي اعتماد بحال ڪرڻ ۾ اڃا تائين ناڪام رهيا يورپي ايويئيشن سيفٽي ايجنسي اعتماد بحال ڪرڻ تائين پاڪستان جي آن سائيٽ دوري کان به انڪار ڪري ڇڏيو ذريعن جو چوڻ آهي ته اياسا چيو آهي ته اوورسائيٽ ۽ رجسٽريشن بابت قدم کڻڻ تائين اڏامون بحال نٿا ڪري سگهون اياسا چيو ته پاڪستان سي اي اي جي شروعاتي قدمن تائين پي آئي اي جي يورپ اڏامن جي بحالي ممڪن نه آهي.










